تقدير __(Fate):
تقدير ۽تدبير- ٻئي عام اصطلاح آهن. تقدير، قدرت تي ڀاڙڻ جوتصور آهي ۽ تدبير انساني عمل جي مترادف آهي.يوناني ادب ۾ عام طور چيو ويندو هو ته انسان جي ڀوڳنا سندس تقدير جي ڪري آهي. اڳتي هلي شڪسپيئر جي ڊرامن ذريعي فلسفو تبديل ٿيو ته انسان جي سزا جو نصيب سندس عمل آهن.تقدير جو فلسفو صدين کان ڊرامن، ناولن ۽ ڪهاڻين جو موضوع رهيو آهي. [1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي