بادل ۽ برسات 3el1Ec l4GgxpxD50s TSx &Xpdiogn Kk gv 89Aed lBb Zz H
سنڌ موويز جي پهرين پيشڪش هيءَ سنڌي فلم پيار ڪهاڻيءَ تي مبني هئي، جيڪا 7 فيبروري 1975ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار اي ڪيو پيرزادو، موسيقار غلام نبي- عبداللطيف ۽ فلمساز اي. ايم عباسي هو. فلم ۾ اداڪار طور وسيم، اي. -آر- -بلوچ-، قادو شيدي، ابو -بلاول-، چنگاري، شمس الدين، رحيم شورو، عشرت حسين، ملڪ انوکو، -اسد قريشي- ۽ عبدالحق ابڙو شامل هئا. هيءَ فلم ڪراچيءَ جي لائيٽ هائوس، خيام ۽ سنگيت سئنيمائن سان گڏ راحت سئنيما حيدرآباد ۽ شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري ويئي.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%AF%D9%84%20%DB%BD%20%D8%A8%D8%B1%D8%B3%D8%A7%D8%AA